پتافي فيض محمد سڪندري

پتافي فيض محمد سڪندري

فيض محمد سڪندري پتافي

پتافي، فيض محمد سڪندري: ڪاتب، ليکڪ ۽ شاعر، فقير فيض محمد سڪندري ولد حمزو پتافي، ڳوٺ بهاول خان پتافي، تعلقي ڏهرڪي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ 15 نومبر 1962ع تي ڄائو. پنج درجا پرائمري پاس ڪرڻ کان پوءِ مدرسه ’جامعه راشديه‘ درگاهه پير جو ڳوٺ ۾ داخل ٿيو. 1983ع ۾ فارغ التحصيل ٿي روزاني مهراڻ حيدرآباد ۾ اچي ڪاتب مقرر ٿيو. اتان ئي سندس علمي، ادبي ۽ فني سفر جي شروعات ٿي. روزاني عبرت، روزنامه سفير، ماهوار هلچل، ماهوار هدايت، ماهوار ’نئين زندگيءَ‘ ۾ به ڪاتب ٿي رهيو. هن 1986ع ۾ تنظيم المدارس اهلسنت لاهور مان سنَد ’شهادة العالميه‘ (ايم. اي) حاصل ڪئي. 1992ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ۾ ڪاتب/ پروف ريڊر طور مقرر ٿيو. هن وقت ساڳي اداري ۾ ”اڪئڊمڪ پروگرامنگ آفيسر“ هئڻ سان گڏ ”ٽرانسليشن اينڊ ٽرانسليٽريشن بيورو“ جو انچارج آهي. هن سنڌ جي ڪيترن عالمن جي ڪتابن، ڪتابن جي سرورق ۽ مسجدن ۽ مزارن جي ڪتبن ۽ مختلف ادارن جي مونوگرامن جي ڪتابت (خطاطي) ڪري پاڻ مڃايو آهي. ’تفسيرڪنزالايمان‘ (سنڌي ترجمو)، ’بيان الرجمان في ترجمة القرآن‘، ’برڪات الصلواة‘، ’دلائل الخيرات‘، ’متبرڪ وظيفا‘ وغيره سندس ڪتابت جا بهترين نمونا آهن. فيض محمد سڪندري ٽه ماهي ’الفيض‘ حيدرآباد جو ايڊيٽر رهيو آهي. ڪتاب ’فيضان الصلواة‘ جو مؤلف آهي ۽ ماهوار ’الراشد‘ (پير جو ڳوٺ) ۽ ’الهديٰ‘ (شاهپور چاڪر) سان لاڳاپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.11.15  عيسوي

فقير فيض محمد سڪندري ولد حمزو پتافي ، ڳوٺ بهاول خان پتافي ، تعلقي ڏهرڪي ، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ 15 نومبر 1962ع تي ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شهداد خان کوسو
عدنان سميع
شاهه وردي خان کرت
امان الله شيخ
ڦلو مل ميگھواڙ ڊاڪٽر
سندر بوٽاڻي
حميد عظيم آبادي
آءِ آءِ چندريگر
رمضان جت
سريندر ناٿ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون